اوڏڪي اوڏ

اوڏڪي/ اوڏ (Od ):هي ٻولي اوڏ جي نالي سان به سڃاتي وڃي ٿي. هي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لهجو به سمجهي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي مرهٽي ۽ گجراتيءَ سان مشابهت رکي ٿي. اوڏڪي ٻولي ڪافي لفظ مارواڙي ۽ پنجابيءَ کان به ورتا آهن. هن تي سنڌيءَ جو گهڻو اثر آهي. نحوي ۽ صرفي طور هي ٻولي 88 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ دادو، شڪارپور ۽ پٿوري جي اوڏڪيءَ سان ملي ٿي. 70 کان 78 سيڪڙو مارواڙي، ڍاٽڪي ۽ باگڙي ٻوليءَ سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هي ٻولي سنڌي يا ديوناگريءَ ۾ ليکي وڃي ٿي.
هيءَ ٻولي سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن ۾، ڪجهه پنجاب ۾، ٿي سگهي ٿو ته هندوستان جي راجستان ۾ به هي ٻولي ڳالهائي ويندي هجي. 1998ع جي رپورٽ موجب هن ٻوليءَ جا 50000 هزار ڳالهائڻ وارا موجود هئا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو